ڏهراج  محمد عبدالعزيز

ڏهراج محمد عبدالعزيز

ڏهراج محمد عبدالعزيز

ڏهراج، محمد عبدالعزيز: پروفيسر حڪيم محمد عبدالعزيز ولد حڪيم عبدالحق ڏهراج، 1948ع ڌاري ڳوٺ ڪريم ڏني ڏهراج، ضلعي نوشهري فيروز ۾ ڄائو. پرائمري تعليم ڳوٺ موريا جي پرائمري اسڪول، مئٽرڪ ٺارو شاهه جي ڊي. سي. هاءِ اسڪول مان پاس ڪيائين. ان بعد انٽر ڪيائين. 1968ع ۾ مليريا اِريڊيڪيشن حيدرآباد ڊويزن ۾ ’مليريا انسپيڪٽر‘ مقرر ٿيو. 1970ع کان 1975ع ڌاري هن فارما ڪاليج، پيٿالاجي ۽ ريڊيوگرافيءَ جا ڪورس پاس ڪيا. 1975ع ۾ اعظم طيبه ڪاليج، حيدرآباد مان باقاعدي چار سال طب جو نصاب مڪمل ڪري، بورڊ آف يوناني اينڊ آير ويدڪ سسٽم آف ميڊيسن لاهور مان امتحان پاس ڪري سند حاصل ڪيائين. 2002ع ۾ مهراڻ هوميو پيٿڪ، ڪاليج حيدرآباد مان چار ساله هوميوپيٿڪ ڪورس مڪمل ڪيائين. سروس جي لحاظ کان سنڌ امپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوٽ ۽ ٻين مختلف ادارن ۾ فرائض سرانجام ڏيندو رهيو آهي. طب جي عملي خدمتن ڪري مختلف عهدن تي فائز رهيو آهي، جن ۾ ڊسٽرڪٽ طبيب نوابشاهه، اعزازي وائيس پرنسپال مهراڻ طبيه ڪاليج مورو وغيره شامل آهن. مهراڻ طبي انجمن موري جو صدر، تحريڪ اطباء ضلعي نوابشاهه جو صدر ۽ مرڪزي نائب صدر، پاڪستان طبي ڪانفرنس جي مرڪزي مجلس عمل جو صدر، ضلعي ڪائونسل نوابشاهه جي پيرا ميڊيڪل اسٽاف جو چيئرمئن، اتحاد المسلمين جو پريس سيڪريٽري، حبيب ٽيڪنڪ ڪاليج نوابشاهه جي صلاحڪار بورڊ جو ميمبر، ينگ ڏهراج ايجوڪيشن ويلفيئر سوسائٽيءَ جو جنرل سيڪريٽري ۽ ٻين ادارن جو ميمبر رهي چڪو آهي. کيس ڪيترا اوارڊ ۽ تعريفي سندون به مليون آهن. سندس طبي تجربن تي مشتمل ڪتاب ’بياض عزيزي‘ ڇپائيءَ هيٺ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو